راڻي کيت بيماريءَ سبب ٿر ۾ مئل مورَ

راڻي کيت بيماريءَ سبب ٿر ۾ مئل مورَ

راڻي کيت

راڻي کيت (Fowl pest): ’راڻي کيت‘، هڪ خطرناڪ وائرل بيماري آهي، جيڪا ڪڪڙن، مورن ۽ ٻين گهريلو پکين ۾ ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جو ڪبوترن، بدڪن ۽ ٻين پکين تي اثر گهٽ ٿيندو آهي. هن بيماريءَ وارو وائرس ساهه جي ذريعي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ هن بيماريءَ جو شڪار ٿيندڙ ڪڪڙن جون اکيون ۽ ڪن سُڄي ويندا آهن ۽ ساهه کڻڻ ۾ شديد تڪليف ٿيندي آهي ۽ تقريباً 36 کان 72 ڪلاڪن تائين بيماريءَ جي تڪليف نه سهندي ڪُڪڙيون مري وينديون آهن. ڪڪڙين کي ان خطرناڪ مرض کان بچائڻ لاءِ سيون هڻائي يا بيمار پکين کان پري رکي بچائي سگهجي ٿو. هن بيماري سبب اڪثر ڳوٺن توڙي ڪڪڙين جي فارمن ۾ لکين ڪڪڙيون مرنديون آهن. تازو سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ هن بيماريءَ منهن ڪڍيو هو ۽ مهيني اندر بيان ڪيو وڃي ٿو ته 300 کان وڌيڪ مور ۽ ڪجھه ٻيا پکي مري ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو